اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) ??اڪ??تان ۽ سينٽ لوشيا باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??اڪ??تان ۽ سينٽ لوشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جي مستقل مشن ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سفارتي لاڳاپن جي معاهدي تي گڏيل قومن ۾ ??اڪ??تان جي مستقل نمائندي سفي?? منير اڪرم ۽ سينٽ لوشيا مان ان جي هم منصب سفير مينيسا رامبلي لاڳاپيل ملڪن ??اران گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ترجمان چيو ته گذريل ٽن سالن دوران ??اڪ??تان پالائو، ڪريباتي، ڊومينيڪ ريپبلڪ، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس ۽ ڊومينيڪا دولت م??ترڪه سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هن چيو ته اهو فيصلو ??اڪ??تان جي پنهنجي سفارتي پهچ کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.