اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چين ??ي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ ??ي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. واپار وار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب بيجنگ ۾ چيئرمين چائنيز گروپ آف ڪمپنيز لي ڪوانگ سان وفاقي وزيرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن چي?? ته ملڪي ۽ غيرملڪي انويسٽرز جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهيون، ايز آف ڊوئنگ بزنس ۽ ”ون اسٽاپ شاپ“ جهڙا منفرد فيچرز پڻ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. هن چي?? ته سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان بزنس پورٽل تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چي?? ته انويسٽمينٽ ۾ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائين سهولتن ک?? يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ڪاروباري ماڻهن ک?? سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وينديون. بيجنگ ۾ ڪاروباري گروپس ??ي سربراهن سان ملاقات جي موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چي?? ته پاڪستان چين سان ٻطرفي واپاري سرگرمين جي فروغ جو خواهشمند آهي ۽ تازي چين جي دوري جا سيڙپڪاري تي مثبت اثر پوندا.