بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين سان پنهنجي دوستي تي فخر آهي، اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ??اء?? انهن جي گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزير??عظ?? چيو ته اڄ وزير??عظ?? لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي س??ور?? شعبن بشمول ٻطرفي ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وڌندڙ تعاون جي صورت ۾ سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي اسان جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ جي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو هاڻي پنهنجي ٻئي مرحلي طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي حڪومت بابت سٺن تبصرن تي وزير??عظ?? لي ڪي ڪيانگ جو ٿورائتو آهيان، چيني وزير??عظ?? سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? لي ڪي ڪيانگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. هن چيو ته چين سان اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ??اء?? انهن جي گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي.