اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري دير ضلعي ۾ پاڪ – افغان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فو??سز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ انهن جي بهادري ۽ جرئت کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موج?? صدر پاڪ – افغان سرحد تي دهشتگردن جي خلاف وقت سر ڪارروائي تي پاڪ فوج کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته ملڪي دفاع، امن ۽ سلامتي جي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فو??سز سان گڏ آهي.