اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريس??ا اسڪاٽ لينڊ پاڪ??تا?? حڪومت جي دعوت تي 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪ??تا?? جو پهريون سرڪاري دو??و ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي 5 ڏينهن جي دو??ي دو??ان پاڪ??تا?? جي قيادت، ڪابينا جي ميمبرن، يوٿ ليڊرز، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون ڪندي. بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جيڪا موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪ??تا?? جي حمايت لاءِ پرزور حمايتي رهي آهي، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪ??تا?? سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪ جو ٽي ڀاڱي حصو ٻوڙي ڇڏيو هو جڏهن ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پيٽريس??ا اسڪاٽ لينڊ جي ٻوڏ متاثر ٿيندڙ ڪجهه علائقن جي دو??ي جو پڻ امڪان آهي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جي دو??ي دو??ان ڌريون پاڪ??تا?? ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪ??تا?? جي قومي ترقياتي منصوبي جي حمايت، نو??وانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. دولت مشترڪه ۽ پاڪ??تا?? پاران 24 – 2023ع تي ”نوجوانن جو سال“ قرار ڏيڻ کانپوءِ دولت مشترڪه ج?? يوٿ منسٽرز ميٽنگ جي صدارت ڪندي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم ج?? يوٿ پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ وٺندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪ??تا?? تنظيم جي باني ميمبرن مان هڪ جي طور تي دولت مشترڪه کي عالمي مسئلن ۽ چئيلنجز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم جي طور تي اهميت ڏي ٿو. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو دو??و پاڪ??تا?? ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.