اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سانوڻي ۾ وڻڪاري مهم لاءِ پيغام ۾ چيو آهي، ته سانوڻي ۾ وڻڪاري مهم 2024ع جي شروعات تي ??احولياتي تحفظ طرفان ??اڪستانين جي پختي ??گن تي دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيان ??و، هي مهم صرف هڪ موسمي قدم ناهي، پر پنهنجي پياري ملڪ جي قدرتي حسن ۽ وسيلن جي تحفظ کي هٿي وٺائڻ لاءِ قومي فر?? جو هڪ اهم پاسو آهي. هن چيو ته وڻ زندگي جو اثاثو آهن، تازي هوا فراهم ڪن ٿا، آبهوا بهتر بڻائين ٿا ۽ هڪ ماحولياتي ??ظام جي قيام ۾ مدد ڏين ٿا. وڌندر ماحولياتي ??سئلن کي نظر ۾ رکندي وڻڪاري جي اهميت وڌي وئي آهي. اسان جي پياري پيغمبر به وڻ لڳائڻ جي ترغيب ڏني، اوهان جو فرمان آهي ته جيڪڏهن قيامت قائم ٿي وڃي ۽ توهان ??ان ڪنهن به شخص جي هٿ ۾ کجيءَ ج?? ٻوٽو هجي ۽ ان کي قيامت قائم ٿيڻ کان ??هرين ٻوٽي لڳائڻ جي مهلت ملي وڃي ته هو ان ??وٽي کي لڳائي ڇڏي. هن وقت ملڪ جي ٽوٽل ايراضي جو صرف 5 سيڪڙو حصو جنگلن جو آهي، ڪاٺين جي وڌندڙ گهرج ۽ ٻين زميني استعمال سبب جنگلن تي شديد دٻاءُ آهي، سانوڻي جي موسم وڻڪاري مهم لاءِ اسان جي ماحول تي بهترين اثر وجهڻ ۽ نوجوان ??سل لاءِ هڪ سرسبز ۽ صحتمند مستقبل محفوظ بڻائڻ جو موقعو آهي. صدر مملڪت چيو ته ٻيلن کي هٿي وٺائڻ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا ۾ اولين ترجيح آهي. اپ اسڪلڊ گرين پاڪستان ??روگرام تحت وڏي پئماني تي ??وٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊيلٽا بليوڪاربن جي قدمن تحت پاڪستان 1990ع کان ??ينگرو وز جي ايراضي ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪري مينگرو وز جي بحالي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان ??ڌيڪ مينگرو وز لڳايا ويا، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان 27 ملين ڊالرز به ڪمايا ويا. دي ليونگ انڊس پروگرام جو مقصد ٻيلن جي ڪٽائي روڪڻ آهي ۽ ان سان گڏيل قومن جي ڏهاڪي جي بحالي جو فليگ شپ ايوارڊ مليو آهي. هن چيو ته مان ??اضح ڪرڻ چاهيان ??و ته حڪومت ڪميونٽي جي تعاون کان سواءِ جهنگلي وسيلن کي هٿي وٺائڻ ۽ تحفظ نٿي ڪري سگهي،انهي لاءِ معاشري جي مختلف طبقن جي شموليت اڻٽر آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هو ان ??يڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو ضرور وجهندا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اسان جي نوجوان ??سل موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ ٻيلن جي ڪردار جي اهميت کي آگاهه هجي ۽ اسان ??ن اهم مشن کي اڳتي ??ڌائڻ لاءِ سگهه وڌائڻ، تعليم ۽ نواڻ کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.مان سمورن پاڪستانين خاص ڪري نوجوانن کي گذارش ڪيان ??و ته هو سانوڻي جي وڻڪاري مهم 2024ع ۾ اڳيان ??ڌي حصو وٺن ۽ وڌ کان ??ڌ وڻ لڳائي ملڪ ۾ ٻيلن کي هٿي وٺائڻ جو قومي مقصد حاصل ڪري سگهجي. اچو اسان ??ن مهم جي پائيداري لاءِ اسان جي عزم ۽ هن سر زمين لاءِ اسان جي محبت جي علامت بڻايون. مون کي يقين آهي ته اسان سڀئي گڏجي هڪ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان جو مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا.