اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيندي چيو آهي ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿي??دا، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لا??ِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ سيد نويد ق??ر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اٽارني جنرل پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاوت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم ات??ادي پارٽي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لا??ِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. وزيراعظم پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿي??دا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام جي لا??ِ حڪومتي معاشي پاليسين کي ساراهيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.