اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مي??ر عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 1965ع ج?? جنگ ۾ مي??ر عزيز ڀٽي شهيد جرئت ۽ بهادري جي بي مثال تاريخ رقم ڪئي. هن د??من جو بهادري سان مقابلو ڪندي وط?? جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو. خميس ڏينهن مي??ر عزيز ڀٽي شهيد نشان حيدر جي يوم شهادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مي??ر عزيز ڀٽي شهيد دشم?? جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو جنهن تي سموري قوم سندس بي مثال بهادري ۽ شجاعت کي سلام پيش ڪري ٿي. شهيد پنهنجو اڄ قوم جي روشن ۽ محفوظ مستقبل لاءِ قربان ڪيو. اسپيڪر چيو ته شهيد قوم جا هيرو آهن، سندن قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. ملڪ ج?? دفاع لاءِ پرعزم آهيون، ان خاطر ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين. اسپيڪر الله تعاليٰ کان مي??ر عزيز ڀٽي شهيد جي درج?? جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا پڻ ڪئي.