نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي دعوت تي بنگلاديش جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ڊاڪٽر محمد يونس وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳوا??ن جي وچ ?? پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ??چ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??روغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ??طرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي.