اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بي??اروس جي وزيراعظم رومان گولوف چينڪو سان خوشگوار ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو باقاعده ميمبر بڻجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شنگهائي اسپرٽ ۾ بي??اروس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، زرعي تعاون ۽ مواصلات جهڙن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.