راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ا??لي بحريه جا ايئرڪرافٽ ڪيريئر ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤ??ي تي پهچي ويا. ڪراچي بندرگاهه تي ايندڙ اهو ا??لي جو پهريون ايئرڪرافٽ ڪيريئر آهي. آءِ ايس پي ??ر موجب جهاز جي ڪراچي پهچڻ تي پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن ۽ ا??لي جي سفير جهازن جو استقبال ڪيو. ا??لي جي جهاز سان گڏ ا??لي نيوي جا اعليٰ عملدار ۽ دفاعي صنعت جي وفد به ڪراچيءَ جو دؤرو ڪيو. ڪ??ان??ر ڪراچي وائيس ايڊمرل فيصل عباسي ا??لي ايئرڪرافٽ ڪيريئر جو دؤرو ڪيو. ا??لي جي سفير ۽ بحريه جي اعليٰ عملدارن ڪ??ان??ر پاڪستان فليٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ مستقبل ۾ بحري ڀائيوا??ي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري دوران پاڪستان بحريه ۽ ا??لي ايئرڪرافٽ ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ خاص طور تي جديد F-35 Lightning II ويڙهاڪ جهاز مختلف مشقون به ڪندا. ا??لي جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪ بحريه خطي جي اهم بحري قوت آهي ۽ پاڪ- ا??لي معاشي ۽ دفاعي سهڪار جا روشن امڪان آهن.