رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪ سعودي عرب جي تعاون سان پاڪستان کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعودي عرب جي تازي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته سيڙپڪاري معاهدن جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي، معاهدن تي صحيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ عملدرآمد جي شروعات خوش آئنده ڳالهه آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي سعودي عرب جي شاهي ديوان جو مشير محمد بن التويجري کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ پ??ڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو منعقد ڪرڻ سان سعودي ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مدبراڻي سوچ جي عڪاسي ٿ?? رهي آهي، سمٽ ۾ شموليت تي اسان کي دلي خوشي ٿي آهي، ان موقعي تي سعودي ول?? عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان اهم ۽ ڪارائتي ملاقات ٿي، ان ملاقات سان سعودي ول?? عهد جي پاڪستان ۽ پ??ڪستاني عوام سان گهري وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن آءِ ايم ايف سان پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ تعاون فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا، اميد آهي ته هي آءِ ايم ايف سان پاڪستان جو آخري پروگرام هوندو، انشاءَ الله ان کانپوءِ اسان سخت محنت، ڪوششن ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب جي تعاون سان پاڪستان کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوش ائنده آهي ته اڄ ۽ ڪالهه جي ملاقاتن ۾ اسلام آباد ۾ طئي ٿيندڙ معاهدن کانسواءِ وڌيڪ معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي، اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ڪجهه معاهدن تي صحيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي جيڪا وڏي خبر آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ انهن معاهدن تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري ٻيهر پنهنجي گهر ايندو، ان دوري کان اڳ اسان کي انهن معاهدن تي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي، سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جي عظيم ٽيم سان گڏجي اسان معاهدن جي نظام الاوقات تي عملدرآمد ۾ ڪامياب ٿينداسين، مون کي اميد آهي ته اڳئين ڀيري جڏهن آئون سعودي عرب ايندس ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ وڌيڪ سٺين خبرن سان گڏ ايندس. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي اڳتي وڌندا ۽ متحد ٿي ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيندا. ڀاءُ عزيز ول?? عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي مدبراڻي قيادت ۾ نه رڳو پاڪستان پر مسلمان امت جي عوام جي لاءِ قدم جار?? رهندا. وزيراعظم چيو ته 25 لک پاڪستانين جي ميزباني تي اسان سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون، اهي پاڪستاني سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنج?? ڪردار ادا ڪر?? رهيا آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام کي هڪ خاندان وانگر قرار ڏيندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سعودي عرب جي ضرورتن موجب هنرمند افرادي قوت تيار ڪرڻ جي قابل ٿيون جنهن سان نه رڳو سعودي عرب جي ترقياتي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي پر ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو حصو به ادا ڪرڻ جا قابل ٿينداسين. سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميزباني تي اسان کي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم ڪالهه ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات کانسواءِ آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي، پاڪستاني وزيراعظم فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو کي اهم خطاب ڪيو ۽ سڄي دنيا مان آيل سيڙپڪارن ۽ بزنس ليڊرن کي پنهنجي خيالن ۾ شريڪ ڪيو. هن چيو ته اربع ڏينهن محمد التويجري جي قيادت ۾ پاڪستان سان ورڪنگ سطح جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا جيڪي اڳ ۾ به بلند آهن کي وڌيڪ نئين بلندين تائين پهچائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڳالهه ٻولهه م معيشت، واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سعودي عرب لکين پاڪستانين جو گهر آهي. هن چيو ته 3 هفتا اڳ سعودي سيڙپڪاري وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، پاڪستان جي قيادت گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ اسان جي شاندار ميزباني ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۽ ويزن جي روشني ۾ اسان تيزي سان اڳڀرائي ڪر?? رهيا آهيون، پاڪستان جي دوري دوران 2.2 ارب ڊالر ماليت جي 27 معاهدن تي صحيحون ٿيون هيون جيڪا رڳو هڪ شروعات آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه کانپوءِ انهن معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي جڏهن ته ان جو ماپو 2.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته 5 معاهدن تي عملدرآمد جي شروعات ٿي چڪي آهي، پاڪستان مان زراعت سان لاڳاپيل روانگي واپار پڻ شروع ٿي چڪو آهي، وڌيڪ 5 معاهدن تي عملدرآمد جي حوالي سان اعلان لاڳاپيل ڪمپنيون ڪنديون. سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ زراعت، توانائي ۽ مينوفيڪچرنگ بابت معاهدا ٿيا هئا، صحت جي شعبي ۾ پڻ پاڪستان سان تعاون جاري آهي ۽ پ??ڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير ان حوالي سان پنهنج?? ڪردار ادا ڪر?? رهيو آهي. سعودي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني ورڪرن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان کي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو. ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان مان 300 طبي افرادي قوت سعودي عرب ايندي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ عالمگير ڊيجيٽل اسپيس جي حوالي سان پوري دنيا جون نظرون سعودي عرب تي آهن، اسان پنهنجي ڊيجيٽل اسپيس ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي شموليت ج?? منتظر آهيون، اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم پاڪستان جي دوري ۽ سندس ويزن ۽ سڌارن ۽ سعودي ول?? عهد جي هدايت موجب پاڪستان انهن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندو. هن چيو ته ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان کي ترجيحي حيثيت ڏني آهي ۽ پ??ڪستان سان مسلسل رابطن جي لاءِ هن محمد التويجري کي ذميواريون ڏنيون آهن. سعودي عرب جي ٽيم جي پاڪستان جي ٽيم ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان رابطا قائم آهن. هن چيو ته سعودي سيڙپڪاري واري وزارت ۾ به هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي جيڪا پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير سان رابطي ۾ آهي.