رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل لاڀائتي تعاون جي لاءِ ويٽنام سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سوشل م??ڊي?? ايڪس ت?? پنهنجي پوسٽ ۾ هن ??يو ته اٺين فيوچر انويسٽمنٽ اني??ي ايٽو ڪانفرنس جي موقعي تي ويٽنام جي وزيراعظم فام من چن سان ملي خوشي ٿي. هن ??يو ته اسان جي ڳالهه ٻولهه واپار، سيڙپڪاري ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ تي مرڪوز هئي، اسان آسيان سان پاڪستان جي تعاون کي مضبوط بڻائڻ سميت علائقائي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل لاڀائتي تعاون جي لاءِ ويٽنام سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.