اسلام آباد-30 آڪٽوبر (ا?? پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين ??ان اٽلي جي سفير ميريلنيا آرميلن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي ۽ ڊيري مصنوعات ج?? پيداو??ر جي حوالي سان گڏيل سهڪار تي زور ڀريو ويو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ترجمان مطابق وفاقي وزير چيو ته اٽلي ۽ پاڪستان وچ ۾ گهرا لاڳاپا گڏيل سهڪ??ر جي بنياد تي آهن. دنيا کي فوڊ سيڪيورٽي جا چئلينجز درپيش آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي زرع?? پيداو??ر جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي توجهه ڏئي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کير ج?? پيداو??ر جي حوالي سان پهرين ??ف جي ملڪن ۾ شامل آهي. اٽلي پاڪستان مان اُٺ جو کير آمدني واپار ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات جي روانگي واپار لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن. مصنوعات جي ڪوائلٽي کي بهتر ۽ ويليو ايڊڊ بنائڻ لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي.