اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 31 آڪٽوبر تي زخمي ٿيڻ کانپوءِ عوامي جمهوريه چي?? جي صدر شي جن پنگ پاران خيرسگالي جي پي??ام تي دل سان ٿورا ادا ڪيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب 3 نومبر تي هڪ خط ۾ چي?? جي صدر شي جن پنگ صدر آصف علي زرداري کي ڌڪ لڳڻ تي ڳڻتي ۽ صدر جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو هو. هن خط ۾ پاڪ چي?? دوستي جي گهرائي جو ورجاءُ ڪندي صدر کي گڏيل طور تي مناسب وقت تي چي?? جو دورو ڪرڻ جي گرمجوشي سان دعوت پڻ ڏني هئي. صدر آصف علي زرداري چي??ي صدر پاران خيرسگالي جي پي??ام تي ٿورا مڃيندي چي?? ته چي?? جي قي??دت ۽ عوام پاران صحتيابي جي پيغامن کان متاثر ٿيو آهيان. صدر چي?? ته تمام جلد مناسب تاريخ تي چي?? جو دورو ڪندس، دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ٻنڌڻن کي وڌيڪ سگهه ملندي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر شي جن پنگ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل سان چي?? پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير جي عزم تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري صدر شي جن پنگ جي ڏاهپ، قي??دت ۽ پاڪ چي?? لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس تعاون تي ٿورا مڃيا.