اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينا?? جو اظهار ڪندي انهن رابطن کي و??يڪ مستحڪم ڪرڻ، بين الپارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي و??ائڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ۽ اداراجاتي تعاون جي ذريعي ان رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان ۽ بيلاروس جي و?? ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جمهوريه بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. ٻن??ي ملڪن جي و?? ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو اهو مرحلو پاڪستان ۽ بيلاروس جي و?? ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپ?? جو عڪاس آهي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي مڪمل اسپيڪٽرم سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻن??ي ملڪن جي لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم، بين الپارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ خاص طور تي ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي و??ائڻ جي لاءِ ٻن??ي ملڪن جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر لوڪاشينڪو پاڪستان – بيلاروس لاڳاپن جي موجوده مثبت رفتار تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن باقاعده اعليٰ سطح تي ملاقاتن ۽ اداراجاتي تعاون جي ذريعي ان رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيح?? جو پڻ مشاهدو ڪيو جنه?? جو مقصد پاڪستان ۽ بيلاروس جي و?? ۾ اهم شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. اهي معاهدا ۽ ايم او يوز ماحولياتي تحفظ، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، حلال واپار، آڊٽ ادارن، مالياتي انٽيلي جنس شيئرنگ، ووڪيشنل ايجوڪيشن ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون سان لاڳاپيل آهن. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بيلاروس جي و?? ۾ 2025 – 2027ع جي لاءِ ٺوس تعاون جي روڊ ميپ تي اتفاق ٿيو جنهن تحت اعليٰ سطحي اجلاسن، بين الحڪومتي ڪميشنن ۽ هدفن جي ذريعي اقتصادي لاڳاپن کي و??ائڻ جي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ فريم ورڪ جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. ان فريم ورڪ جي ذريعي گڏيل تعاون جي قدمن، علائقائي اقتصادي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي، ڌرين ٻطرفي اقتصادي تعاون ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ گهربل قانوني فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. بيلاروس جي صدر پاڪستان جي وزيراعظم جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي ??ٺڻ جي عزم کي ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي حڪومت جي ڀرپور تعاو?? جو يقين ڏياريو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بيلاروس جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن سان ٻن??ي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ايندي. وزيراعظم سن??س دعوت قبول ڪندي چيو ته سندس ان دوري دوران مفاهمتي يادداشتن کي معاهدن جي شڪل ڏني ويندي. بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي هدايت ڪئي ته اهي ان سلسلي ۾ جلد کان جلد ضروري قدم کڻن.