اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپ?? يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پاران پي آءِ اي تان پابندي هٽائڻ کي خوشخبري قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا پ??يٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته خاموشي سان محنت ڪريو، توهان جي ڪامي??بي پاڻ ڳالهائيندي، الحمدالله پاڪستان جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي، يورپ?? يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پي آءِ اي تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي جنهن سان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. هن چيو ته آئون هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سندس پوري ايوي ايشن/ پي آءِ اي ٽيم کي ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي خصوصي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهو عمل 2022ع ۾ پي ڊي ايم حڪومت دوران ان وقت جي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ اهم ڪوششن سان شروع ڪيو ويو هو، هي قوم جي لاءِ قابل فخر لمحو آهي.