اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن ۾ وڳوڙن، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪ??رروائي جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو و??ي ته انتشار ڦهلائيندڙن جي خلاف ڪارروائي دوران ڪو بيگناهه ۽ معصوم شهري گرفتار نه ٿئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ??من امان جي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته هو انتشار ڦهلائي تيزي سان مستحڪم ٿيندڙ معيشت کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن ۾ وڳوڙن، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪ??رروائي جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو و??ي ته انتشار ڦهلائيندڙن جي خلاف ڪارروائي دوران ڪو بيگناهه ۽ معصوم شهري گرفتار نه ٿئي. وزيراعظم انتشار ۽ فساد ڦهلائيندڙن جي نشاندهي جو عمل موثر بڻائڻ ۽ انهن جي خلاف ٺوس ثبوت حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي. هن فساد ڦهلائيندڙن جي خلاف قائم ڪيل ٽاسڪ فورس کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻ، وفا??ي پراسيڪيوشن سروس کي قانون واري وزارت تحت آڻڻ ۽ اسلام آباد جيل جي تعمير جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ان حوالي سان فنڊز فوري جاري ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي. اجلاس کي اسلام آباد ۾ ??من امان جي صورتحال جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد سيف سٽي جو دائرو و??ايو پيو و??ي ۽ سيف سٽي ڪئميرائن جي انگ ۾ پڻ اضافو ڪيو پيو و??ي، اسلام آباد جيل جي عمارت ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ڪ??ي ويندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪ??ي.