اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) حج رهتن جي ٻي قسط جمع ڪرائڻ ??ي آ??ري تاريخ 27 ڊسمبر آهي، ڪامياب قرار ڏنل حج پانڌيئڙا پنهنجون رهتون مقرر تاريخ تائين ضرور جمع ڪرائين. مذهبي معاملن و??ري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته مذهبي معاملن و??ري وزارت حج رهتن جي ٻي قسط 19 کان 27 ڊسمبر تائين و??ولي جو اعلان ڪيو هو اهو مدو اڄ جمعي 27 ڊسمبر تي پورو ٿي ويندو. ترجمان چيو ته حج پانڌيئڙن کي گذارش آهي ته حج پيڪيج جي تبديلي جي ضرورت تي لاڳاپيل بئنڪ برانچ کان وقت سر تبديلي ڪرائي سگهجي ٿي، ڪامياب حج پانڌئيڙا حج رهتن جي ٻي قسط جا 4 لک سميت اختياري سهولتون جيڪڏهن آهن، مثال طور قرباني، 2/3 بيڊ، ڌار ڪمرو (19 کان 27 ڊسمبر) لازمي جمع ڪرائين.