اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 2024ع پاڪستان جي سفارتڪاري ج?? لاءِ هڪ فعال سال رهيو، اسان جون سفارتي ڪوششون پاڪستان جي عالمي پروفائيل کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي لڳل رهيون. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته سال دوران آذربائيجان، بيلاروس، بيلجيئم، چين، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، قازقستان، ملائيشيا، قطر، روس، ساموا، سعودي عرب، ت??جڪ??تان، ترڪمانستان، ترڪيه، گڏيل عرب امارات، ازبڪستان ۽ برطانيا سان اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ٿي ج??هن سان انهن ملڪن سان اهم مفاهمت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آباد ۾ منعقد ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي ج?? بنياد“ جي عالمي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جو دو??و ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان، چين، مصر، قازقستان، قطر، سعودي عرب، ايران، ت??جڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات جا دورا ڪيا. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان، بيلجيئم، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، سعودي عرب، ترڪيه ۽ برطانيا جا اهم دورا پڻ ڪيا. ترجمان چيو ته انهن دورن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ، اهم سياسي افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري ج?? لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو اهڪ اهم موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪيترين ئي اعليٰ سطحي شخصيتن جي ميزب??ني پڻ ڪئي. آذربائيجان، بيلاروس، چين، ايران، قازقستان، ملائيشيا، منگوليا، قطر، روس، سعودي عرب، ت??جڪ??تان، ازبڪستان مان قيادت جي سطح جا دورا ٿيا جڏهن ته چين، سعودي عرب، ايران، ڀارت، جرمني، قطر، روس ۽ برطانيا جي ڪابينا جي سينيئر وزيرن پاڪستان جو دو??و ڪيو. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر، سيڪريٽري ج??رل سي آءِ سي اي ۽ سارڪ، آءِ ايم ايف ۽ ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽريز جنرل پڻ هلندڙ سال دوران پاڪستان جا دورا ڪيا.