تاشقند – 24 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ ??زب??ستان جي صدر اسلام ڪريموف ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته پاڪستان، افغانستان ۽ ??زب??ستان جي وچ ۾ ٽه ڌريو واپاري ??اه??اري معاهدو واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جو باعث بڻجندو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جو ماپو ٽن سالن ۾ ٽي سئو ملين ڊالر تائين وڌايو ويندو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ هي اتفاق راءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کان اڳ ٻه طرفي ملاقات ۾ سامهون آيو. ملاقات ۾ ٻنهي صدرن جا وفد به شامل هئا.