ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اسلا??ي م??لي??تي نظام دنيا ۾ مضبوط، اخلاقي ۽ جٽادار ماڊل طور تي اُڀري رهيو آهي، اهو نواڻ ۽ گڏيل سهڪار ذريعي مستقبل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙو اظهار هن ورلڊ اسلامڪ فنانس فورم 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو بندوبست ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي انتظام هيٺ ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته اسلا??ي م??لي??ت شريعت جي اصولن تي ٻَڌل هڪ منصفاڻو نظام آهي، مضاربه ذريعي فنانسنگ وياج جي خاتمي جي راهه هموار ڪري ٿي، اسلا??ي م??لي??ت 2027ع تائين وڌي 6.67 ٽريلين ڊالر ٿيڻ جي اميد آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ان نظام جو بنيادي نظام بنيادي اصولن تي آهي جيڪي ايمان، زندگي، عقل، نسل ۽ دولت جي تحفظ کي يقيني بڻائين ٿا، اسلا??ي م??لي??تي نظام معاشي سرگرمين کي حقيقي اثاثن سان جوڙي ٿو، زڪوات ۽ وقف جهڙا اصول غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته گرين فنانس ماحولياتي مسئلن جي حل ۾ اسلا??ي م??لي??ت جي ڪردار کي وڌائي رهيو آهي، پاڪستان ۾ گرين فنانسنگ جا وسيع موقعا موجود آهن. سندس چون هو ته حڪومت جو مقصد 2030ع تائين توانائيءَ جو 60 سيڪڙو حصو تجديد جوڳي ذريعن مان حاصل ڪرڻ آهي، اسلا??ي م??لي??ت نواڻ ۽ گڏيل سهڪار ذريعي مستقبل لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو.