اسلام آباد – 09 نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي جي جذبي جي عڪاس ڪرتارپور لنگهه جي بي مثال منصوبي جو باضابطا افتت??ح ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه، ڀارتي پ??جاب جي وڏي وزير ڪيپٽن (ر) امريندر سنگهه ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه ??ڌو سميت ڀارت سميت سڄي دنيا مان بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪرتارپور آيل سک ياترين جو وڏو ??نگ پڻ ان موقعي تي موجود هو جن فراخدلاڻي انداز ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ دعائون ڪيون.