اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ متحده عرب امارات ٻه طرفي لاڳاپن کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، خميس ڏينهن متحده عرب امارات (يو اي اي) جي ولي عهد شيخ م??مد بن زيد النهيان جي پاڪستان جي دوري جي ح??الي سان جاري پڌرنامي موجب يو اي اي جي ولي عهد پاڪستان جي هڪ ڏينهن تي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ولي عهد سان گڏ ڪابينا ??يمبرن ۽ سينئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد به هو.