اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي دستيابي تي خاص نظر رکي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اٽي، دالين، چانور، گيهه ۽ کنڊ وغيره جهڙين ضرورت جي بنيادي شين جي کوٽ نه ٿئي، وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل خاص ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا خ??راڪ جي حوالي سان صورتحال جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائر?? جي چئلينج جي ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ ??ني?? قدمن خاص طور تي صنعت ۽ واپار، تعميرات، توانائي ۽ خاص طور تي هن مشڪل صورتحال ۾ غربت جو شڪار ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان ??ني?? قدمن تي اعليٰ سطحي اجلا?? جي صدارت ڪئي.