اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته پورهيتن ۽ ڏهاڙي واري طبقي کي احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ ايس ايم ايس ذريعي شامل ٿيڻ جي طر??قيڪار بابت وڌيڪ آگاهي جي ضرورت آهي. جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته اهڙا ڏهاڙي وارا مزدور جن جو ڪورونا وائرس سبب روزگار بري طرح متاثر ٿيو آهي ۽ حڪومت پاڪستان طر??ان احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 12000 رو??ين جي امداد وٺڻ چاهين ٿا، ته فوري طور تي 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر موڪلين.