اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي لاڳو، خلاف ورزي تي سخ?? انتظامي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ قرنطينه ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي غور ڪ??و ويو. اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عم?? ڪئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پ??لڪ ٽرانسپورٽ ۽ ص??عت?? شعبن جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخ?? انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عم?? خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ قرنطنيه قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.