اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آز??دي جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي سفير شڪرالله عاطف مشعل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر س??ن الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪست??ن افغانستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمن?? آهي. وزيراعظم عمران خان سمورن پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمن?? آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آز??دي جي فيصلي کي ساراهيو.