اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مسلمان ??لڪن کي متحد ٿي ڪري اولهندي ملڪن کي ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي طرح جي قدمن سان سوا ارب مسلمانن جي دل آزاري ??ين??ي آهي، يورپ ۾ هولوڪاسٽ تي ڳالهه نٿ?? ڪري سگهجي، ماضي ۾ منصوبابندي نه ڪرڻ سبب ماحول تي منفي اثر پيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ قومي رحمت العالمين ﷺ ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو موضوع ”ماحولياتي ??لودگي ۽ اسان جي ذميداري“ هو. هن چيو ته اها ڪانفرنس هر سال منعقد ڪئي ويندي. پاڪستاني عوام خاص طور نوجوانن کي حضور اڪرم ﷺ جي حيثيت بابت مڪمل آگاهي ڏيڻي آهي، حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت محمد ﷺ جهڙو عظيم انسان آيو آهي نه ئي ايندو، دنيا جي سئو عظيم شخصيتن ۾ حضور اڪرم ﷺ جو پهريون نمبر آهي. الله قرآن پاڪ ۽ حضور ﷺ جي زندگي جي ذريعي اسان کي راهه ڏيکاري، هن چيو ته ماضي ۾ اسان ??ستقبل جي منصوبابندي ناهي ڪئي، جنهن جا ماحولياتي ??ورتحال تي ??ثر پيا آهن، اسان جي خطي ۾ ماحولياتي ??ورتحال سنگين آهي، گرمي جي شدت جي ڪري گليشيئر پگهرجي رهيا آهن، موسمياتي ??بديلين جي ڪري منفي اثر پئجي رهيا آهن، هن چيو ته مسلمانن ايمان جي قوت سبب ڪاميابي حاصل ڪئي.