اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تمام جلد ملڪي معيشت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، اها ڳالهه هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات دو??ان ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي ڪارڪردگي، پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافي ۽ مالياتي اشارن جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي بريفنگ ??ني، پرڏيهي وزير چيو ته ڪورون?? عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي شديد متاثر ڪيو آهي، ڪورونا جي ڪري پاڪستان جهڙي اسرنڊدڙ ملڪ ۽ محدود وسيلا رکندڙ ملڪ معاشي طور تي شديد متاثر ٿيا آهن، ڪورون?? عالمي وبائي چئلينجن جي باوجود پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظ??ار آهي.