اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 2020ع عالمي سطح تي مشڪل سال رهيو، ڪورونا وائرس جي وبا سڄي دنيا ۾ صحت جي نظام ۽ معيشتن کي لوڏي ڇڏيو. پنهنجي هڪ ٽ??ئي?? ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ان چئلينج مان بهترين انداز سان سرخرو ٿيو، صحت ?? معيشت ٻنهي کي اهميت ڏني، سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي کي عالمي سطح تي پذيرئي ملي، هن چيو ته وزيراعظم جرئتمداڻي فيصلن سان معاشي بهتري ۽ ترقي لاءِ صحيح رخ جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. جنوري ۾ تب??يل?? نئين سال جي هوندي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ فيصلائتي جدوجهد جي نئين مرحلن جو آغاز ٿيندو، اسان جي فيصلن ۽ پاليسين جو محور پاڪستان جو عوام آهي، 2020ع ۾ مخالف ڌر کي ان جي غير جمهوري حربن ”ناڪ آئوٽ“ ڪري ڇڏيو. حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ٺهندڙ اتحاد پنهنجي مفادن، سوچ ۽ بياني جي ور چڙهي ويو.