اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت سيني?? اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ ۽ ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي ??ليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ 1973ع جي آئين ۾ 3 ترميمن جي لاءِ آئيني پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان آئيني ترميمن سان سيني?? اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو رستو سدائين جي لاءِ بند ٿي ويندو، پهريون ڀيرو عمران خان جي حڪومت ۽ پي ٽ?? آءِ پاران پاڪستان جي سموري اشرافيه جيڪا پارليامينٽ جي اندر آهي ان جي لاءِ هي ٽ??سٽ ڪيس کڻي وڃي رهيا آهن، ماضي ۾ سيني?? اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ۽ ووٽ خريد ڪيا ويندا هئا، ميثاق جمهوريت جي آرٽيڪل 23 ۾ سيني?? اليڪشن اوپن بيلٽ ڪرائڻ جو مطالبو آهي، سيني?? اليڪشن جي لاءِ ووٽ خريد ڪندڙ ننڍن صوبن کانپوءِ پنجاب جي لاءِ به ريٽس ڪڍي ڇڏيا آهن، سيني?? اليڪشن ۾ اڪثريت کانپوءِ وڌيڪ آئيني ترميمون به ڪيون وينديون. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو خاص معاون ڊاڪٽر بابر اعواڻ پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪري رهيا هئا.