اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي سيٽ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته عبدالحفيظ شيخ کي 164 ووٽ مليا، 7 ووٽ رد ٿيا. رٽرننگ آفيسر ظفر اقبال پو??نگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي وفاقي گادي واري شهر مان ٻن خالي سيٽن تي پو??لنگ ٿي. پو??نگ جي شروعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن و??في جي جاري رهي. ڪل 342 جي ايوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ته اين اي 75 ڊسڪه جي سيٽ خالي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پو??نگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو جتي ٻه پو??نگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پو??نگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏهن ته پو??نگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کان اين اي 342 تائين و??ٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پو??يس جي حراست ۾ هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي خصوصي حڪمن تي ووٽ وجهڻ جي لاء?? پولنگ اسٽيشن تي آندو ويو. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ايوان ۾ موجود رهيو. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏهن ته بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جن تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پو??نگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ڳڻپ جي عمل ۾ شريڪ ٿيا. پهرين جنرل سيٽ تي وڌل ووٽن جي ڳڻپ ٿي، پهريون ڀيرو ڳڻپ مڪمل ٿيڻ تي زين قريشي جي چوڻ تي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي. جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر يوسف رضا گيلاني ڪامياب ٿيو.