اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چ??و آهي ته سماجي مسئلن، خصوصي ما??هن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ?? عورتن کي ب??اختيار بڻائڻ ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت درست حڪمت عملي تحت عام ما??هو کي ڪورونا وبا کان بچائڻ ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ جامع قدمن کنيا، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڊجيٽل ميڊيا انفلوئنسرز سان هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت گهڻي وڌي وئي آهي، اها عوامي راءِ بڻائڻ جو ذريعو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جا ڪيترائي رخ سامهون آيا آهن، ان سان جتي ما??هن جو وڏو تعداد فائدو کڻي ره??و آهي اتي ان جي استعمال جي ب??ري ۾ اعتراض به ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ جعلسازي جي ذريعي ما??هن کي لُٽڻ ۽ ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون پکيڙڻ جو ذريعو هجڻ به شامل آهي. هن چيو ته ميڊيا جي طاقت ۽ ذميداراڻي ڪردار ۾ توازن تعمير ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آ??ي، صحت ۽ احتياط، خصوصي ما??هن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ?? عورتن کي ب??اختيار بڻائڻ، سماجي قدرن ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.