اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش??ءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، ڪشمير ??سئلي سميت گڏيل دلچسپ??ءَ جي معاملن تي غو?? ويچار ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي برطانوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر چونڊجڻ تي لارڊ واجد خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ برطانيه ۾ ترسيل آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لارڊ واجد خان ڪورونا عالمي وبائي صورتحال سبب برطانيه ۽ يورپي ملڪن ۾ ترسيل پاڪستاني برادر??ءَ جي درپيش مسئلن کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادر??ءَ جي ڀلائي اسان جي حڪومت جي اهم ترجيحات ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير ??اڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.