اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئ?? آهي ته ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام ت??ت غريب ماڻهن کي بهترين کاڌو فراهم ڪيو وڃي، پروگرام جي دائري ڪار ۾ واڌ ڏيڻ جي موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته غريب ماڻهن کي فراهم ڪيل کاڌي جي معيار جي حوالي سان شڪايت نه اچڻ گهرجي، وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي پروگرام ۾ توسيع جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته ” ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام ت??ت هن وقت 5 شهرن ۾ 12 ٽ??ڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو ويندو آهي. وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽ??ڪن جو به افتتاح ڪيو. جنهن کانپوءِ ها??ي 7 شهرن ۾ 16 ٽ??ڪن جي ذريعي کاڌو ورهايو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽ??ڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي. هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکيو نه سمهندو. احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احساس ڪير بکيو نه سمهي عطيات فنڊ به قائم آهي.