اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وفد جي آجيان ڪئي ۽ شاهه سل??ان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام سدائين سعودي قيادت جو خاص احترام ڪيو آهي. وزيراعظم ٻ??هي ملڪن جي و?? ۾ ??يجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ حمايت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي و?? ۾ ??لاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي قائم ٿيندڙ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سمورن شعب?? ۾ ??طرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم ٻ??هي ملڪن جي و?? ۾ ??ضبوط دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ سال?? ۾ ??طرفو دفاعي تعاون وڌيڪ وڌندو. سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بهترين تعاون جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مه??رت کي ساراهيو. ملاقات ۾ يمن جي تازي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم يمن جي تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي عرب پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا پراڻا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ گڏيل تعاون ۾ ڳنڍيل آهن جڏهن ته دورن جي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن جي عڪاس آهي.