اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) جي ??جويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان پڻ تجويزون شيئر ڪيون ويون آهن، ڪنهن جي ??عتراض جي ??ورت ۾ ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. هو قومي اسيمبلي جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جلاس جي ??دارت ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پيمرا چيئرمين محمد سليم ۽ صحافتي تنظيمن جا عه??يدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ??جويزن تي ٻڌل فريم ورڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آندو آهي، اهي تجويزن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڌرين سان شيئر ڪري رهيا آهيون، انهن تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف چيو ته اسان سڀني جو مقصد رياست جو خيال رکڻ آهي، پي ايم ڊي اي تي وڌيڪ صحافتي تنظيمن سان مشاورت جي لاءِ ذ??لي ڪميٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا، ذيلي ڪميٽي روزاني جي ??نياد تي اجلاس ڪري مشاورتي عمل کي حتمي شڪل ڏي.