اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيو??سٽ??ن ۾ ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شاگردن جي اخلاقي تربيت جي حوالي سان تدريسي حصي ۾ اضافي ۽ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ وڌايو وڃي جڏهن ته ڪورونا جي ڪري تعليمي نقصان کان بچڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنال??جي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هو ڪيپيٽل يونيو??سٽ?? آف سائنس اينڊ ٽيڪانل??جي (ڪسٽ) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. ڪسٽ يونيو??سٽ?? جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمند منصور احمد يونيو??سٽ?? جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت صدر کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صدر يونيورستين تي زور ڏنو ته اهي ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائين، ايڇ اي سي جو خصوصي ماڻهن کي ٽيوشن فيس ۽ هاسٽل فيس جي مد ۾ ڇوٽ ڏيڻ خوش آئنده آهي. صدر چيو ته يونيو??سٽ??ون شاگردن جي اخلاقي تربيت جي حوالي سان تدريسي حصي ۾ اضافو ڪن، يونيو??سٽ??ن ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ ۽ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪسٽ يونيو??سٽ?? پنهنجي ويزن کي جديد گهرجن ??وجب آڻيندي مقصد حاصل ڪرڻ جي مدو تعين ڪري. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيو??سٽ?? جو آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي جڏهن ته يونيو??سٽ?? فاصلاتي تعليم ??و مقدار وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪورونا جي ڪري قيمتي تعليمي وقت جو زيان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنال??جي جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر يونيو??سٽ??ن جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيو??سٽ??ون انڊسٽري جي ضرورتن موجب شاگردن کي هنر سيکارين. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽ يونيو??سٽ?? ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پاليسي تي عملدرآمد شڊروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪسٽ يونيو??سٽ?? مان هيستائين 19 هزار کان وڌيڪ شاگرد فارغ التحصيل ٿي چڪا آهن، مختلف پروگرامن ۾ هن وقت 5 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. بريفنگ مجب ڪسٽ يونيو??سٽ?? سال 21 – 2020ع ۾ 14 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جون اسڪالرشپس ڏنيون. صدر تعليمي شعبي ۾ ڪردار ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نئين پاليسي اختيار ڪرڻ تي ڪسٽ يونيو??سٽ?? کي ساراهيو.