فيصل آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي جي ڪري درپيش عوام جي مشڪلاتن جي چڱي ريت خبر آهي ۽ جيتوڻيڪ مهانگائي هڪ عالمي مسئلو آهي پر اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان جا گهٽ کان گهٽ اثر عوام تائين منتقل ٿين ت??هن ڪري انهي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ??وري کانپوءِ فوڊ سپورٽ پروگرام جو اعلان ڪندو ج??هن ۾ محدود وسيلن واري طبقي جي لاءِ خصوصي مراعتون ڏنيون وينديون. ڊي ٽائيپ ڪالوني فيصل آباد ۾ آسا سنگهه پارڪ جي ??فتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي، سعودي عرب سان اسان جا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ وزيراعظم جي ??وري سان ٻطرفن لاڳاپن تي وڌيڪ ڏورس اثر پوندا. هن چيو ته اڄ مخالف ڌر مهانگائي جي ??ڙ ۾ احتجاج ڪري انارڪي پکيڙي رهي آهي جڏهن ته مهانگائي جا اصل ذميوار اهي ئي ماضي جا حڪمران آهن جن ملڪ کي ڦري ان مقام تائين پهچايو آهي. هن چيو ته هو ا??هن کان پڇن ٿا ته ا??هن وٽ اها ڪهڙي گيدڙ سنگهي آهي جو ا??هن جا 18، 18 سالن جا ٻار لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ اربين رپين جي ??ثاثن، اربين رپين جي ??ائيدادن ۽ اربين رپين جي ڪاروبارن جا ما??ڪ آهن جڏهن ته پاڪستاني قوم جا 18، 18 سالن جا ٻار تعليم ۽ روزگار جي لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن جڏهن ته ا??هن جي ??قل ۽ شڪليون به اڳوڻن حڪمرانن جي ٻارن کان بهتر آهن. هن چيو ته اڳوڻا حڪمران ٻاهرئين ملڪ بنگلا ٺاهي رهيا هئا پر عمران خان ماضي جي ??ڪمرانن جي ??بتڙ غريبن جي لاءِ گهر ٺاهي ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت غريب عوام کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي جيڪو حڪومت جو اهم پروگرام آهي ۽ خيبرپختونخواهه سميت پنجاب جي ٻن ڊويزن ساهيوال ۽ ڊي جي ??ان ۾ سئو سيڪڙو ماڻهن کي اها سهولت ملي وئي آهي جڏهن ته ڊسمبر ۾ لاهور ۽ فيصل آباد سميت صوبي جي ??مورن ضلعن جي ??مورن خاندانن کي 10 لک رپين تائين جي ??لاج جي ??هولت ملي ويندي جيڪا دنيا جي ??رقي يافته ملڪن ۾ به نه آهي پر ان سان گڏ ئي هو بلاول کي به چوي ٿو ته سنڌ جي ??وام به آخر انسان آهي ان لاءِ ا??هن جو به حق آهي ته ا??هن کي به اهڙي سهولت ملي پر جتي چورن، ڌاڙيلن، قبضا ما??يا، ٽينڪر ما??يا جو راڄ هجي ??تي 13 ارب رپين جي ڪڻڪ ڪوئا کائي وڃن ٿا اتي ڪ??هن خير جي ??ميد نه آهي، ان لاءِ سنڌ جي ??وام کي به گهرجي ??ه اها 13 سالن کان سنڌ جي ??قتدار تي قابض حڪمرانن کان پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ اٿي بيهي. فرخ حبيب چيو ته اڳوڻين حڪومتن جي ??ور ۾ فيصل آباد ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۽ پاور لومز سيڪٽر جو قبرستان بڻجي ويو هو پر اسان جي ??ڪومت ٻيهر انڊسٽري کي هلايو ج??هن سان هاڻي اسان وڏي مقدار ۾ پنهنجي ٽيڪسٽائيل مصنوعات برآمد ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان ڀاڻ جو هڪ بيگ به امپورٽ نه ڪيو پر سالن کان بند فرٽيلائيزر پلانٽس کي گئس ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري ملڪي ضرورت موجب ڀاڻ تيار ڪيو، انهي لاءِ هاڻي پاڪستان ۾ ڀاڻ جي ڪا کوٽ نه آهي ۽ ڀاڻ جي ٻوري 18 سئو رپين ۾ ملي رهي آهي ج??هن جي پرڏيهي ملڪن ۾ قيمت 7000 رپين تائين آهي. هن چيو ته آبادگارن جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جي ??ريعي سبسڊي جي فراهمي جاري آهي ۽ ڀاڻ جي قيمت ۾ پهريون ڀيرو استحڪام آندو ويو آهي نه ته 1800 واري ڀاڻ جي ٻوري ٻاهران 7000 ۾ امپورٽ ڪرڻي پوي ها ته ڇا ٿئي ها. هن چيو ته اسان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي، اهڙي طرح لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ پڻ وڌي آهي. هن چيو ته کاڄرو تيل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ گ??ٽتائي جي لاءِ قدم جاري آهن جڏهن ته 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو زراعت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اسان خوراڪ جي ??والي سان سرپلس ٿي رهيا آهيون. هن چيو ته هن ڀيري ڪمند 25 سيڪڙو وڌيڪ ٿيو آهي ٻئي طرف ڪپهه جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو، مڪئي ۾ 18، چانور ۾ 18 کان 20 سيڪڙو اضافي جا ڪارائتا نتيجا حاصل ٿيندا ۽ ملڪ فوڊ ۾ سرپلس ٿي ويندو. هن چيو ته حڪومت جا تعميراتي ۽ ترقياتي منصوبا به تيزي سان جاري آهن ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پاران به فيصل آباد جي لاءِ 13 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو ويو آهي ج??هن سان فيصل آباد وڌيڪ ترقي جي ??اهن تي گامزن ٿيندو.