اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ڪم کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيز??شن جي عم?? کي تيز ڪر?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ جي آٽوم??شن سان پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته ان سان فوري فيصلا ڪر?? ۾ پڻ مدد ملندي، حڪومت مختلف وزارتن/ ڊويزنن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جنهن جو مقصد احتساب ۽ شفافيت کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. صدر اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سائبر ايفيشينٽ پارليامينٽ جي لاءِ صدر جي قدمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. سينيٽ چيئ??مي?? محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ايم اين اي شير علي ارباب، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري طاهر حسين، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت جي سيڪريٽري حامد يعقوب پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيز??شن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ??ن موقعي تي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي پي سي ون منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وزارت کي پيش ڪئي وئي آهي. اجلاس ??ن منصوبي ۾ شامل فني معاملن جي نگراني ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيز??شن ۾ سهولت فراهم ڪر?? جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ پارليامينٽ جي آٽوم??شن ۾ دير کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين کي چيو ته ??ن منصوبي کي ان جي ڏنل ٽائيم لائين يعني جنوري 2023ع کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته معلومات ۽ مواصلات جي جديد طريقن کي اختيار ڪر?? لازمي آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي.