ڪوئيٽا – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان وڏي اهميت رکندڙ صوبو آهي، صوبي ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ به سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڪوروان وائرس جي وبا جو قوم گڏجي مقابلو ڪيو ڇو ته ڪورونا وائرس وڏي آزمائش هئي جنهن ۾ خدا اسان کي ڪاميابي ڏني، وزيراعظم عمران خان جو واحد ليڊر آهي جنهن عام ماڻهو جي تڪليفن جو احساس ڪ??دي پاڪستان ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه هنيو، وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو ادراڪ آهي جنهن کي جلد حل ڪر?? جي لاءِ ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ قبائلي اڳواڻن، واپاري نمائندن ۽ ٻين طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائي??دي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا، صوبائي وزير سردار صاله ڀوتاڻي، محمد خان لهري، مبين خان خلجي، ظهور احمد بليدي، صوبائي محتسب نذر محمد بلوچ، ايم ڊي بلوچستان ايجوڪيشن فائونڊيشن پروفيسر شير زمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڳالهين ذريعي ئي عوامي مسئلن جو بهتر حل ڳولي سگهجي ٿو اڄ جي ويهڪ انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. وقت ڏيڻ ۽ گورنر هائوس اچڻ تي قبائلي اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان. عام ماڻهو جي مسئلن جو ادراڪ حڪومت جو فرض آهي. روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ توازن آڻڻو پوندو حڪومت روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عمران خان دنيا جو واحد وزيراعظم آهي جنهن ڪوويڊ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان وسيلن سان مالامال آهي. بلوچستان ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ اسان کي گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 20 ارب رپين جا آسان قرض ڏنا ويا. پاڻي جي ضرورت پوري ڪر?? جي لاءِ ري سائيڪلنگ جي ضرورت آهي. اسان کي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪر?? جي لاءِ روايتي طريقن کان هٽي ڪم ڪر??و پوندو. هنچ يو ته سوئي گئس مان پوري ??لڪ فائدو کنيو پر بلوچستان وڌيڪ فائدو نه کڻي سگهيو اسان کي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ جديد طريقا اختيار ڪر??ا پوندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ وڏي سبسڊيز ڏي??دي آهي. وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي جلد حل ڪر?? جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سيڪيورٽي هو??دي آهي تڏهن ئي سيڙپڪاري اي??دي آهي. هن چيو ته وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻو آهي. نوجوانن کي نوڪرين جي لاءِ ڪامياب جوان اسڪيم بهتر پروگرام آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گذريل سال ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي 20 ارب رپين جا ننڍا قرض ڏنا ويا. بلوچستان جي بارڊر تي قانوني واپار ۾ آسانيون پيدا ڪر?? ۽ واپارين جي تجويزن بابت واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل عملد??رن آڏو معاملو رکندس. بلوچستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وڏا موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. بعد ۾ قبائلي اڳواڻن پاران صدر کي بلوچستان جي روايتي پڳ پارائي وئي. قبائلي اڳواڻن ۽ واپارين صدر کي صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي قبائلي اڳواڻن، ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن، سول سوسائٽي جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪر?? جي خاطري ڪرائي.