اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا ??في?? مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان جي سياحتي ماڳن تي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ملاقات ?? ديامرڀاشا ڊيم جي تعمير سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مسئلن ۽ پاور پاليسي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.