اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ??رق?? ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ حڪومت پاران ان جي سهولت ۽ مدد لاءِ سنجيده ڪوششون ڪي??ن پيون وڃن، نون ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) ۾ مختلف شعبن ۾ ڪيترائي ??رق??اتي منصوبا شروع ڪي?? ويا آهن ۽ انهن منصوبن سان علائقي جي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪي سي سي آءِ جو صدر سيد حسن علي شاهه ڪري رهيو هو، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پرامن اف??انستان نه رڳو اف??انستان پر ان جي پاڙيسري ملڪن لاءِ به معاشي خوشحالي آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي سرحدي ضلعن خاص طور تي خيبر اف??انستان سان واپار ۽ واپاري موقعن مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهون ٿ??. ه?? او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس جي انعقاد لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سان اف??انستان ۾ انساني امداد لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وفد صدر کي اف??انستان سان واپار جي حوالي سان پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪي??. وفد وبائي مرض جي دوران واپاري برادري کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کي به ساراهيو.