اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ??يڊ??ا انڊسٽري ۾ رونما ٿيندڙ تبديليون ان ڳالهه جون گهرجائو آهن ته اطلاعات واري وزارت جا آفيسر جديد دور جي ??يڊ??ا چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ 32 هين مڊڪيريئر مينيجمينٽ ڪورس ڊومين اسپيسيفڪ تربيتي پروگرام جي سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت جي مختلف ادارن جي سربراهن ۽ زير تربيت آفيسرن کانسواءِ ??يڊ??ا ماهرن ۽ اسلام آباد جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسر صاحبان شرڪت ڪئي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ۾ ??يڊ??ا انڊسٽري تيزي سان وڌي ويجهي رهي آهي، خاص طور تي سوشل ۽ ڊجيٽل ??يڊ??ا عام ماڻهن تائين اطلاعن جي پهچ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جا آفيسر محنت سان ڪم ڪندا پيا اچن تنهن هوندي به ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته وزارت جا آفيسر سمورا ضروري تربيتي ڪورسز ۾ خوشي سان شريڪ ٿين ڇو ته اهي ئي ڪورس انهن جي صلاحيتن ۾ نکار پيدا ڪندا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته هڪ مهيني جي ان تربيتي پروگرام ۾ آفيسرن کي ??يڊ??ا قانونن ۽ انتظامي معاملن ۾ دسترس سان گڏوگڏ ڊجيٽل ۽ سوشل ??يڊ??ا جي سمورن ضروري معاملن بابت آگاهي ڏني وئي آهي جنهن جي لاءِ ماهر?? جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ڊائريڪٽر انفارميشن سروس اڪيڊمي غزاله امبرين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ڪورس جي انعقاد جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، تقريب جي آخر ۾ ڪورس ۾ شريڪ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سندون ۽ شيل?? ورهايون ويون.