اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبو م??ڪ جي لاءِ اهم آهن، منصوبن جا هدف مقرر ڪيل مدي ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس ٿيو ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبا م??ڪ جي لاءِ اهم آهن، حڪومت ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ ن?? پر عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو لاهور ۾ تنگي ۽ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، منصوبن جا هدف مقرر وقت ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت تعميرات جا تاريخ ساز منصوبا شروع ڪيا، جنهن جي طرف گذريل 20 سالن ۾ ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو، پارڪس، ڪچري کي ??ڪاڻي لڳائڻ، صاف توانائي ۽ عالمي معيار انهن منصوبن کي ??احول دوست ٺاهيندو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري.