اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ادارن جو ڪم عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ عوامي شڪايتن جو ترجيحي بنيادن تي ازالو ڪرڻ ??هي?? خيبرپختونخوا ۾ بج??ي جي پهچ واري نظام جي ??هت??ي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ادارن ۾ مقررين ۾ ميرٽ جي بالادستي ۽ شفافيت کي يقي??ي بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا صوبي ۾ پيسڪو جي مسئلن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مراد سعيد، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا، شوڪت يوسف زئي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا صوبي ۾ اسيمبلي ميمبرن جي شڪايت تي پيسڪو جي مسئلن تي نوٽيس وٺندي چيو ته حڪومت لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بج??ي چور جي روڪٿام لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي ??هي?? پيسڪو بابت مسئلن تي اجلاس ۾ وزيراعظم کي بج??ي جي لوڊشيدنگ ۽ مانيٽرنگ سسٽم، بج??ي چوري ۽ ان جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن ۽ پيسڪو ۾ افرادي قوت جي کوٽ ۽ نئين مقررين تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيسڪو ۾ لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومت بج??ي جي پهچ واري نظام ۾ ??هت??ي جو جامع منصوبو تيار ڪيو آهي جنهن کانپوءِ گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ گهربل بج??ي جي فراهمي يقي??ي بڻائي سگهبي. بج??ي چوري جي روڪٿام لاءِ به ترجيحي بنيادن تي سمورا قدم کنيا پيا وڃن، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پيسڪو ۾ افرادي قوت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مقررين جو شفاف نظام يقي??ي بڻايو پيو وڃي، لوڊشيڊنگ کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڊجيتل نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان هر فيڊر تي بج??ي جي لوڊشيڊنگ جي پل پل مانيٽرنگ ممڪن ٿي سگهندي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم جاري قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي.