اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”سنڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ترجمان ??هي، ساڍا 13 سالن کان پيپ??زپ??رٽي سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقوق سنڌ مارچ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ تي سنڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي اسپتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي عوام کي ٽين??ر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته هي اها سنڌ آهي جتان ??ا چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي وڃن ٿا، پيپ??زپ??رٽي سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن ڪئي جو اتان ??ا چوها به دلير ٿي ايتري ڪڻڪ کائي ويا، سنڌ جي خوراڪ واري وزير جي اسيمبلي فلور تي بيهي اربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف تي بلاول جي خاموشي سواليه نشان ??هي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ??ير آهي؟ حقوق سنڌ مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪي کان ??روع ٿيندڙ سنڌ حقوق مارچ ??ختلف ضلعن کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.