اسلام آباد – 14 R11; مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن ملڪي ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ ع??رت?? کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم يوٿ يونيورسٽي جي پهرين ڪانووڪيش?? کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ع??رت?? کي معاشرتي ترقي ۾ برابر حصيدار جي طور تي موقعا نٿا ملن جنهن جي باعث ملڪ ۾ حقيقي خوشحالي نه آئي. هن ع??رت?? کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي شموليت يقيني بڻائڻ ۽ عوامي جاين تي انهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ع??رت?? کي آن لائن اي بزنس ۽ پارٽ ٽائيم نوڪرين ۾ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي پيشي سان وابسته رهن. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام ۽ بئنڪن پاران جاري ٻين قرض اسڪيمن جي ڪري وسيع موقعا پيدا ٿيا آهن، گريجوئيٽس انهن موقعن مان فائدو کڻن ۽ پنهنجي پيشيوراڻي شعبن ۾ ڪ??ميابي حاصل ڪن. هن گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته هو پنهنجي زندگين ۾ ڪ??ميابي لاءِ ايمانداري، ديانتداري جو مظاهرو ڪن، انسانيت کانسواءِ تعليم جي ڪا به اهميت نه آهي. هن چيو ته دنيا پناهگيرن لاءِ دروازا بند ڪري انساني قدر نظرانداز ڪري رهي آهي. پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ميزباني ڪري اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪيو. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ گريجوئيٽس ۾ ايوارڊ ورهايا.