اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزي?? مخدوم شا??ه محمود قريشي لاس اينجلس ۾ مقرر پاڪستاني قونصل جنرل عبدالجبار ميمڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته عبدالجبار ميمڻ هڪ مڃيل سفارتڪار هو، پرڏيهي وزير مرحوم جي سفارتي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس وارثن س??ن دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مرحوم سينئر سفارتڪار جي مغفرت ۽ گهروارن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.